نيب پاران عمران ۽ بشريٰ خلاف نئون توشا خانه ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل

آگسٽ 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف نئون توشا خانه ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو. قومي احتساب بيورو جي جاچ آفيسر محسن هارون ۽ ڪيس جي آفيسر وقار الحسن احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ٻه واليمز تي مشتمل توشا خانه ٽو ريفرنس داخل ڪيو. ريفرنس احتساب عدالت جي ايڊمنسٽريٽوَ جج کي اماڻيو ويندو. ايڊمنسٽريٽوَ جج ريفرنس تي پاڻ ٻڌڻي ڪندو يا ٻئي احتساب عدالت کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪندو. ايڊمنسٽريٽوَ جج احتساب عدالت ناصر جاويد رانا پهريان ئي اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف 190 ملين پائونڊ جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. نيب پاران اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي جاچ جي حوالي سان مجموعي طور تي 37 ڏينهن نيب جي تحويل ۾ رهيا. نيب اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کي 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو. نيب پاران سوال نامو به فراهم ڪيو ويو هيو، ٻنهي جوابدارن سوال نامي جا جواب نيب کي جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جاچ مڪمل ٿيڻ بعد 19 آگسٽ تي ٻنهي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو آهي.

Leave A Comment