نيب جو بحريا ٽائون راولپنڊي جي آفيس تي ڇاپو: رڪارڊ ضبط، دفتر سيل

مَي 29, 2024

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ نيب پنجاب جي ايليٽ فورس سان گڏجي بحريا ٽائون راولپنڊي جي آفيس تي ڇاپو هنيو، عملي کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، ذريعن موجب نيب پاران القادر ٽرسٽ يونيورسٽي جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڇاپو هنيو ويو، نيب جي ٽيم عملي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد آفيس کي سيل ڪري ڇڏيو. رڪارڊ ۽ ڪمپيوٽر تحويل ۾ ورتا. نيب جي 16رڪني ٽيم ڪارپوريٽ آفيس تي ڇاپو هنيو، ڪارپوريٽ هيڊ آفيس ون ۽ ٽو، ايگزيڪيوٽو آفيس، شڪايتي دفتر کي سيل ڪيو ويو، ڪارروائي دوران پوليس بحريا آفيس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب نيب بحريا ٽائون خلاف مبينا بي ضابطگين تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، بحريا انڪليو اسلام آباد جي زمين تي به جاچ شروع ڪئي وئي اهي، ذريعن موجب سي ڊي اي اها زمين چڙيا گهر لاءِ مختص ڪئي هئي.

Leave A Comment