نامورسياستدان رسول بخش پليجو جو ڳوٺ تعليم، پاڻي، بجلي ۽ صحت سهولتن کان محروم
آگسٽ 5, 2024
ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ايشياءَ جي ناليواري ڏاهي رسول بخش پليجو جو ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ پيئڻ جي پاڻي واري آر او پلانٽ جي بند هجڻ سان گڏ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهندڙ واٽر سپلاءِ جي ڪم جي رولڙي جي ور چڙهڻ سميت ڪيترن ئي سالن کان پڻ پرائمري اسڪول جي هلندڙ تعميراتي ڪم جي اڌ ۾ رڪيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار جي هٿ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته جنگشاهي ويجھو ڪوهستاني ڳوٺ منگر خان پليجو سالن کان ڪيترن ئي زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان وانجھيل آهي معلوم ٿيو آهي ته قديميڪوهستاني ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي پاران سوا ڪروڙ رپين جي لاڳت سان قائم ڪيل آر او پلانٽ ڊيزل نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي بند ڪيو ويو آهي جنهنڪري قديمي ڳوٺ منگر خان پليجو ۽ ان جي ڀرپاسي وارا ڳوٺ حسن پليجو سميت ڪيترائي ڳوٺ پڻ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهميءَ سخت کان متاثر آهن جڏهن ته ڳوٺ منگر خان پليجو ئي ۾ پڻ پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي پاران منگر خان پليجو سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ميسر ڪرڻ لاءِ پڻ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان سولر تي هلندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيم جو ڪم پڻ ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي روانو ٿي ويو آهي ۽ واٽر سپلاءِ جي ڪم جي مڪمل نه ٿيڻ ڪري هتان جي منگر خان پليجو ، حسن پليجو سوڌو ڪيترائي ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان هن مهل تائين وانجھيل آهن جنهنڪري ڳوٺاڻا 4 کان 5 هزار ۾ ٽينڪر ۽ 4 سئو کان 6 سئو رپين تائين گڏھ گاڏين ذريعي وڪرو ٿيندڙ هڪ ڊرم پاڻي جو ڳري اگھن تي وٺڻ تي مجبور بڻيل آهن ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڪوهستان جي قديمي ۽ سياسي شعور رکندڙ ڳوٺ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان گورنمنٽ پرائمري اسڪول منگر خان پليجو جي عمارت جو هلندڙ تعميراتي ڪم ٺيڪيدار پاران اڌ ۾ ڇڏيل آهي جنهنڪري ڪيترن ئي سالن پڻ اسڪول جي تعميراتي ڪم جي متاثر هجڻ توڙي تعليم کاتي ٺٽي جي بي ڌياني ڪري اسڪول جي تعليم حاصل ڪندڙ سوين شاگردن جي بنيادي تعليم سخت متاثر آهي هوڏانهن اهو به معلو م ٿيو آهي ته ڄاڻايل ڳوٺ ۾ مهينن جا مهينا پڻ بجلي بند هجڻ ڪري هتان جي ڳوٺاڻن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي
ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهيل آر او پلانٽ بند پيل آهي: ڳوٺاڻا
ٺٽو: سنڌ ۾ سياسي شعور جي بيداري طور پاڻ مڃائيندڙ قديمي ڪوهستاني ڳوٺ منگر خان پليجو جي ڳوٺاڻن تيمور پليجو ، منگر خان پليجو ، هيمون پليجو ، سرواڻ پليجو ، علاوقالدين پليجو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٺٽي جي ڪوهستاني يونين ڪائونسل جنگشاهي جي قديمي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ڪيترن ئي سالن کان نه پيئڻ جي پاڻي جي سهولت آهي ۽ نه ئي ڳوٺ ۾ بجلي ، صحت ۽ بنيادي تعليم جي سهولت ميسر آهي هنن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺ واسين کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت لاءِ هڪ وڏو آر او پلانٽ قائم ڪري ڏنو ويو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن جي هلڻ کانپوءِ لاڳاپيل کاتي پبلڪ هيلٿ ٺٽي پاران بند ڪيو ويو آهي ۽ هن مهل تائين آر او پلانٽ بند آهي جڏهن ته ڳوٺ جي ڀرسان پڻ پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي پاران ڪروڙين رپين جي ڳري ماليت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏني وئي آهي جنهن جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي ويا آهن هنن چيو ته واٽر سپلاءِ جي ڪم جي اڌ ۾ رڪيل توڙي آر او پلانٽ جي بند هجڻ ڪري منگر خان پليجو ڳوٺ سميت ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم آهن ۽ هتان جا غريب ڳوٺاڻا ٽينڪر ۽ گڏھ گاڏين تي پاڻي وڪري ڪندڙن جي ور چڙهي ڳري اگھن تي پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻيل آهن هنن چيو ته هڪ پاسي ڪوهستاني پٽي مان روزانو 15 سئو ميگاواٽ کان مٿي ونڊ ملز ۽ سولر ذريعي بجلي پيدا ڪري وڪرو ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي ڪوهستاني علائقن ۾ بجلي جو سخت بحران آهي هنن چيو ته مهينن جا مهينا منگر خان پليجو ڳوٺ ۾ بجلي ناهي هوندي جنهنڪري هنن جو سخت گرميءَ توڙي برساتن ۾ جيئڻ عذاب بڻجي ويندو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي سالن کان پڻ ڳوٺ جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول منگر خان پليجو جي عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي ۽ ٺيڪيدار اسڪول جي عمارت جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي جنهنڪري تعليم پرائيندڙ سوين شاگردن جي تعليم سخت متاثر آهي هنن اهو به چيو ته ڳوٺ ۾ صحت جي ڪا به سهولت ميسر ناهي جنهنڪري هتان جي مريضن کي علاج لاءِ ڳوٺ کان جنگشاهي يا ٺٽي جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ وڃڻو پوي ٿو هنن چيو ته هنن ڪيترائي ڀيرا ڳوٺ جي بنيادي اهم مسئلن جي نشاندهي ڪندي لاڳاپيل کاتن جي ذميوار آفيسرن توڙي هتان جي چونڊيل نمائندن کي پڻ ڄاڻ ڏني آهي ۽ دانهون به ڪيون آهن پر هن مهل تائين سندن زندگي جا بنيادي مسئلا حل ناهن ٿي سگھيا.
ڳوٺ جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن: علائقي واسي
ٺٽو: علائقي واسين پاران لاڳاپيل اختيارين ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کان پڻ مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي سندن قديمي ڪوهستاني ڳوٺ منگر خان پليجو جا بنيادي مسئلا حل ڪري کين وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي