نصر الله گڏاڻي جو ٽيجهو، دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، ڏيئا ٻاري ڀيٽا، مظاهرا، ڌرڻا
مَي 29, 2024
ڪراچي/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جو ٽيجهو، امڙ جي فرياد تي 2 نامعلوم جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، خبر موجب شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو ٽيجهو ٿي گذريو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ صحافين، سماجي ورڪرن ۽ عام ماڻهن شرڪت ڪئي، ٽيجهي جون رسمون ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ قبول گڏاڻي ۾ ادا ڪيون ويون، جتي هزارين ماڻهن قل خواني ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته باري پتافي، ميان مٺو ۽ رياض چانڊيو تڏي تي پهتا، هوڏانهن شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جو ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي سندس امڙ پٺاڻي گڏاڻي جي فرياد تي 2 اڻڄاتل جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادڻ ڄاڻايو آهي ته نصرالله حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪندو هو، جنهن ڪري سردار، ڀوتار، وڏيرا ۽ ڪامورا ڪاوڙيل هوندا هئا، نصر الله ٻڌايو هو ته کيس موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ٻئي واسي مختلف شهرن ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ۽ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سکر پريس ڪلب ۾ شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شهيدن صحافين جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاريا ويا، هوڏانهن شاگردن جليل احمد، اظهر الدين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، گهوٽڪي ۾ سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ اڪرم ٿهيم، نصر الله ڪلادي، احسان ڪلادي، اياز ڪلادي، خادم گڏاڻي ، وھاب سھتو، سرويچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ڪنڌڪوٽ ۾يونين آف جرنلسٽ پاران حسين بخش سومرو، رشيد شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سلطانپور ۾ صحافين اياز سمائر، محمود مهر، ڪي بي انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سنجرچانگ ۾ صحافين ساگر قاسم سمون، مصطفيٰ پنهور، دلاور خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، عمرڪورٽ ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين غلام محمد ڪنڀر، الياس ٿري، سهيل ڪنڀر، غلام مصطفيٰ، اجمل مينڌراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳيريلي ۾قلم ڌڻين، ايس يوپي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران لياقت ٻرڙو، آفاق احمد، آڪاش ڪوري، محبوب جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، بخشاپور ۾ صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي، احتجاج ڪندڙن چيو ته 2 جون تائين شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.
نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيو: رائو اسد
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيشنل پارٽي پارليامينٽرين جي صدر ايڊووڪيٽ رائو اسد ۽ ٻين چيو آهي ته اسان غريب ماروئڙن جي خدمت ڪنداسين ، اسان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي سلام پيش ڪريون ٿا، جيڪو مسڪينن ماروئڙن لاءِ آواز اٿاريندو ھو، اسان گھر ٿا ڪريون ته شھيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي
سانا پاران شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن کي 18 لک ڏيڻ جو اعلان
واشنگٽن( پ ر) سانا پاران شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي گهر جي اڏاوت، 4 ٻارن جي تعليم ۽ قانوني ويڙهه لاءِ 18 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي