نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس طلب، اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان

جُون 22, 2024

وزيراعظم شهباز شريف نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ 1 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت وفاقي وزير شرڪت ڪندا

اجلاس ۾ چئني صوبن جي ڏن وزيرن سميت سمورا آءِ جيز به شرڪت ڪندا

ذريعن موجب اجلاس ۾ چيني مزدورن جي سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ قومي سلامتي بابت اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ چين جي سيڙپڪارن سان ملاقاتن بابت به ايپڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي

Leave A Comment