قومي اسيمبلي بعد سينيٽ ۾ به سپريم ڪورٽ جي ججز جو انگ وڌائڻ وارو ترميمي بل پيش: پي ٽي آءِ پاران مخالفت
سيپٽمبر 3, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 21 ڪرڻ جو خانگي ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، سينيٽر عبدالقادر پاران پيش ڪيل بل جي پي ٽي آءِ پاران مخالفت ڪئي وئي. سينيٽر عبدالقادر پاران پيش ڪيل بل ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس کانسواءِ ججن جو انگ 20 ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ 53 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا ۾ آهن. منهنجي خيال ۾ ته 16 ججن کي وڌائڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترائي آئيني مسئلا اچي رهيا آهن. لارجر بينچ ٺهي ويندي آهي ۽ جج آئيني معاملا ڏسندا آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ گهٽ هجڻ سبب ڪيس لڳڻ ۾ سال لڳي ويندا آهن، ڪروڙين رپيا ٽيڪسن جا سوين ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ اسان پنهنجون ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٻاهران پِني رهيا آهيون. اپوزيشن بل جي مخالفت ڪئي ته قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته بنا پڙهڻ جي انڪار ڪرڻ بهتر رويو ناهي هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ڏهن ججن کي وڌائڻ جو چيو آهي، اُتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اهي جج اُنهن کي ڏئي رهيا آهيون. اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جي معمارن ججن جو تعداد مقرر نه ڪيو هو. انهن ميمبرن کي ججن جو تعداد مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏنو. سينيٽر علي ظفر چيو ته هي قانون اوچتو آيو آهي ته ججز جو انگ وڌايو وڃي. عدالتي بغاوت جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن مسئلي کي بي نقاب ڪيو ويو آهي. ان ڪري ست جج گهري رهيا آهن. اسان ٻن ججن جو تعداد وڌائڻ لاءِ تيار آهيون. جيڪڏهن اوهان کي ججز جي تعداد وڌائڻي آهي ته پهريان ماتحت عدليه کان وڌائي وڃي. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته جڏهن کان سپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ وارو فيصلو آيو آهي تڏهن کان وٺي ججن جو انگ وڌائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ايمل ولي چيو ته جڏهن فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌ ٿين ته ائين ٿيندو آهي، ماتحت عدليه لاءِ تفصيلي سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته اضافي ججز ڪنهن کي گهرجن. پي ٽي آءِ ميمبرز پاران ترميمي بِل جي مخالفت بعد سينيٽ چيئرمين بِل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيو.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ عدليه بابت بل جي سخت مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي پارلياماني پارٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي موجودا سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ ٻنهي ايوانن ۾ عدليه بابت بل جي سخت مخالفت جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي هدايت نامو جاري ڪندي چيو ويو ته جنهن به ميمبر عدليه بابت بل جي حمايت ڪئي ته انکي نا اهل ڪرايو ويندو ، ايم اين ايز ۽ سينيٽرن کي زباني يا لکت ۾ پارٽي پاليسي کان آگاهه ڪيو ويو آهيa