قومي اسيمبلي ۾ جسٽس اينڊ ليگل بل منظور: سيلز ٽيڪس مد ۾ 7 کرب چوري جو انڪشاف
آڪٽوبر 24, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جنرل سيلز ٽيڪس جي وصولي ۾ گذريل 15 سالن ۾ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 7 کرب کان وڌيڪ رقم جي ٽيڪس چوري ۽ غبن جو انڪشاف ٿيو آهي
ناڻي جي مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ايوان کي ٻڌائيندي چيو ته مالي سال 2024 ۾ ساڍا 3 هزار ارب سيلز ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪيا ويا. جڏهن ته جولاءِ 2023 کان هن وقت تائين 701 ارب جي فراڊ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن مان 606 ارب ڪليم کي ود هولڊ ڪيو ويو آهي
ناڻي واري مملڪتي وزير اها به دعويٰ ڪئي ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. قومي اسيمبلي ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي سيد نويد قمر جنرل سيلز ٽيڪس جي وصولي ۾ مبينا چوري ۽ غبن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو
ناڻي جي مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته حڪومت ان معاملي تي سنجيده آهي ۽ ٽيڪس فراڊ کي روڪڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي
پيپلز پارٽي جي آغا رفيع الله چيو ته ناڻي واري وزير چيو ته 3.4 کرب رپيا عام پاڪستاني ٽيڪس ادا ڪندا آهن پر اهو قومي خزاني ۾ نه ٿو پهچي، اهِڙو ئي هڪ اهو بيان ٻڌي ڪير ٽيڪس ڏيندو
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبر شازيه ثوبيه اسلم مهانگائي خلاف ڳالهائيندي چيو ته حڪومت کي مبارڪ جي مهانگائي ۾ ڪاغذن جي حد تائين گهٽ ٿي آهي، کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تي آهن
مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ طرفان ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي بل 2024ع ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي قومي اسيمبلي ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. بل 2024ع کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو