قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن فيڪٽ فائنڊنگ مشن بلوچستان موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
سيپٽمبر 5, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن بلوچستان ۾ فيڪٽ فائنڊنگ مشن موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته بلوچستان ۾ فيڪٽ فائنڊنگ مشن موڪليو وڃي، هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي جيڪا بلوچستان ۾ ماڻهن سان ڳالهيون ڪري، وفاق يا حڪومت ڳالهيون ڪرڻ نٿي چاهي، ڳالهيون نه ڪندا ته وفاق ڪيئن هلندو؟ وزيراعظم، پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم خدارا هوش کان ڪم وٺن، خدارا اختر مينگل جي استعيفا کي هلڪو نه ورتو وڃي، اهي اسان کان وڌيڪ محب وطن ماڻهو آهن.