قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور

مارچ 15, 2024

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور، غزه جي مسلمانن تي ظلم خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ 48 منٽ دير سان شروع ٿيو، آرڊيننس جي حق ۾ 130 ۽ مخالفت ۾ 63 ووٽ وڌا ويا، اپوزيشن حڪومت جا آرڊيننس رد ڪري ڇڏيا، پيپلز پارٽي پاران آرڊيننس تي اعتراض، ن ليگ جي اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان آرڊيننسز جي منظوري بعد قانونسازي ڪري ايوان کي اعتماد ۾ وٺنداسين، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته اسان آرڊيننسز کي رد ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايون ٿا، نجڪاري بابت آرڊيننس پيش ڪيو ويو آهي، ن ليگ وارن کي پاڻ کي ئي خبر ناهي ته ڇا ڪري رهيا آهن، اسپيڪر مخصوص سيٽن تي چونڊيل 5 عورتن کي حلف کڻايو، ايوان ۾ حلف کڻندڙ ميمبرز جو انگ 316 ٿي ويو

Leave A Comment