ارشد نديم کي قومي اسيمبلي ۾ ڀيٽا، ٺهراءُ منظور، سول ايوارڊ جي سفارش
آگسٽ 9, 2024
اسلام آباد: قومي اسيمبلي اولمپڪ گيمز ۾ گولڊ ميڊل ماڻيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري پاران ارشد نديم کي سول ايوارڊ سان نوازيو وڃي، خواجه آصف چيو ته پي سي بي کان سواءِ ڪنهن به اداري جي ڪارڪردگي اطمنان بخش ناهي. اولمپڪس جو چيئرمين پيرسن ٿي ويو آهي پر جان نٿو ڇڏي. ايوان مان آواز آئي ته اهو جان ڇڏي ويو، جنهن تي هن چيو ته مبارڪ هجي اِن کي به ميڊل ڏيو. هن چيو ته هاڪي جي حالت اها آهي ته ڪٿي هڪٻئي کي ئي هاڪيون نه هڻن، فٽبال جي صورتحال به ائين ئي آهي. هوڏانهن پئسا ايندا آهن هِتي هڙپ ٿي ويندا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن موقعو ڏنو وڃي ته اسان فٽبال ۾ به وڏو نالو ٺاهي سگهون ٿا. لياري جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلنٽ آهي، اهي فوٽبال ۾ وڏو نالو ڪمائي سگهن ٿا. ڪنگ فو ۾ انهن نوجوانن پاڻ ملهايو ۽ بليڪ بيلٽ کٽي آيا. فضل الرحمان چيو ته ارشد نديم کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو.