قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ۽ گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس 18 اپريل تي طلب
اپريل 15, 2024
اسلام آباد: (م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ري شيڊول ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق اڄ شام 5 وڳي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس اپوزيشن جي ريڪوزيشن تي گهرايو ويو آهي، اجلاس ۾ اپوزيشن جي ڏنل ايجنڊا تي بحث ڪيو ويندو. اجلاس دوران پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري بطور قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻندي، ٻئي طرف پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس به ري شيڊول ڪيو ويو آهي. پارلياماني معاملن جي ذريعن موجب پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڱاري 16 اپريل جي بجاءِ هاڻ 19 اپريل تي ٿيندو. صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو.