نيشنل فارنزڪ سائنس ايجنسي جي ليبارٽري غير فعال هجڻ جو انڪشاف: منشيات جا 877 ڪيس رولڙي جو شڪار
جُون 1, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل فارنزڪ سائنس ايجنسي جي ليبارٽري غير فعال هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نيشنل فرانزڪ ليبارٽري جي غير فعال ٿيڻ سبب منشيات جا 877 ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد، اين ايس ايف انچارج، پراسيڪيوٽر جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ چيف ڪمشنر کي 6 جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي چيو ته معاملو حڪومت جي خاص ڌيان جو مستحق آهي. جسٽس طارق محمود جهانگيري منشيات ڪيس جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪيو، جنهن موجب درخواستگذار خلاف 25 نومبر 2023 تي 4744 گرام چرس هٿ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جاچ آفيسر مطابق اين ايس ايف کي ڪافي ڀيرا ياد ڏياريو ويو جنهن تي هنن جواب ڏنو آهي ته نيشنل فارنزڪ سائنس ايجنسي ليبارٽري جون 2023 کان غير فعال آهي. فارنزڪ ايجنسي کي لاڳاپيل وزارت پاران پهرين جون 2023 کان فنڊز فراهم ناهن ڪيا ويا.