سني ڪائونسل چونڊ وڙهي ئي ناهي، خاص سيٽون نٿيون ملي سگهن، تحريڪ انصاف کي گهرڻ بنا سيٽون مليون: پ پ پاران فيصلو چيلينج

جُولاءِ 23, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن کانپوءِ پيپلز پارٽي به مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي. پيپلز پارٽي پاران فاروق ايڇ نائڪ سپريم ڪورٽ ۾ نظر ثاني اپيل داخل ڪرائي جنهن ۾ حامد رضا، اليڪشن ڪميشن ۽ سني اتحاد ڪائونسل سميت 11 ڄڻن کي ڌر بڻايو ويو آهي. پ پ اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيئرمين سني اتحاد ڪائونسل حامد رضا بطور آزاد اميدوار چونڊن ۾ حصو ورتو، سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن ناهي وڙهيو ته مخصوص سيٽون نٿيون ملي سگهن، اپيل ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف درخواست داخل نه ڪئي ۽ نه ئي ڌر بڻي. تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن. تحريڪ انصاف کي بنا گهرڻ جي سيٽون ڏنيون ويون آهن. پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ جي فيلصي تي سوال اُٿاريندي چيو ته ڇا سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن؟ ڇا اهڙي جماعت کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن جنهن فهرسٽ جمع نه ڪرائي؟ ڇا اهڙي جماعت کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن جنهن جي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا؟ پيپلز پارٽي سوال اُٿاريو ته ڇا مخصوص سيٽون خالي ڇڏي سگهجن ٿيون يا اهڙي جماعت کي ڏنيون وڃن جنهن اليڪشن ناهي وڙهيو؟ ڇا مخصوص سيٽون اهڙي جماعت کي ملي سگهن ٿيون جن جو هڪ اميدوار به قومي يا صوبائي اسيمبلي ناهي کٽي سگهيو؟ مخصوص سيٽن متعلق متناسب نمائندگي ڇا آهي؟ پيپلز پارٽي پنهنجي نظر ثاني اپيل ۾ مخصوص سيٽن جو 12 جولاءِ وارو فيصلو واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار