نواز ليگ پاران پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جي ٻيهر دعوت ڏيڻ جو فيصلو

مارچ 9, 2024

مسلم ليگ نواز پاران پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جي ٻيهر دعوت ڏيڻ جو فيصلو، نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل پارٽي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ بابت مشاورت ڪئي وئي، نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جلد ڪابينا جوڙي منشور تي عملدرآمد شروع ڪري ڏيو، پهاڙن جيڏا چئلينج آهن، عوام کي اسان مان وڏيون اميدون آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي اڻٽر آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آصف زرداري جي صدر چونڊجڻ بعد هو کيس وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻيهر گذارش ڪندو

Leave A Comment