نواز ليگ جي يو آءِ (ف) سان بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ کان معذرت ڪري ڇڏي
فيبروري 22, 2024
نواز ليگ جي يو آءِ (ف) سان بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار سان جي يو آءِ (ف) جي وفد جي ملاقات ڪئي
اسحاق ڊار چيو ته جي يو آءِ وارن تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي، ن ليگ بلوچستان ۾ اقتدار ۾ شراڪت داري لاءِ پيپلز پارٽي سان معاهدو ڪري چڪي آهي
مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ن ليگ سان گڏجي گهٽ ۾ گهٽ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي سگهون ٿا. اسحاق ڊار چيو ته اسان چاهيو ٿي ته گڏجي هلون پر مولانا توهان تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي