نواز ليگ جي نامزد سي ايم مريم نواز سميت پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو

فيبروري 23, 2024

نواز ليگ جي نامزد سي ايم مريم نواز سميت پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، اسپيڪر سبطين خان سوا ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيل اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي چيو آهي ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيندي، نواز ليگ جي ميمبرز ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيل پي ٽي آءِ ميمبرز جي هڪ ٻئي خلاف نعريبازي، مريم نواز ايوان ۾ پهتي ته نوازليگ جي ميمبرز نعرا هڻي ۽ ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي، مريم نواز اسيمبلي آمد تي چيو ته خدا ڪري ته پنجاب لاءِ هڪ نئون دور شروع ٿئي، مريم نواز پنجاب اسيمبلي ۾ پارٽيءَ جي چونڊيل ميمبرز سان گڏجاڻي به ڪئي، مريم نواز چيو ته توهان سڀني کي جمهوريت جو نئون دور مبارڪ هجي، سڀ گڏجي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، نواز ليگ جا ميمبرز نوازشريف جا پلي ڪارڊ کڻي ايوان ۾ پهتا

Leave A Comment