نواز شريف جو پنجاب حڪومت طرفان 500 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ 14 رپيا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان

آگسٽ 16, 2024

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اعلان ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت 1 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 14 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ۽ اهو رليف صوبي جي عوام کي ڏنو وڃي

مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي. هن چيو ته مهانگائي ۽ بجلي جي بل سبب عوام سخت بحران مان گذري رهيو آهي. 21 آڪٽوبر واري تقرير ۾ به بجلي جي اگهن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، 2017ع ۾ بجلي جا بل گهٽ هئا، ماڻهو آرام سان زندگي گذاريندا هئا

هن چيو ته اسان جي دور ۾ ڀاڄيون ڏهه رپيا في ڪلو هونديون هيون، اسان چئن سالن تائين ڊالر 104 رپين جي سطح تي برقرار رکيو. منهنجي پٽ کان 10 هزار درهم نه وٺڻ تي ڪجهه ججن مون کي برطرف ڪيو.مان اڄ به اهو ئي پڇان ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ جن مون کي ڪڍيو، انهن ملڪ سان ناانصافي ۽ ڏوهه ڪيو آهي

نواز شريف چيو ته مهانگائي جا ذميوار نه آهيون، اهو ڪم پي ٽي آءِ جي باني جي دور کان شروع ٿيو. اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو هو، ان کي واپس آڻڻ وارا ڪير آهن؟ ذميوار اهي ئي آهن جيڪي اڄ جيل مان وڏي آواز سان ڳالهائي رهيا آهن

هن وڌيڪ چيو ته اسان رڪارڊ مدي ۾ پاور پلانٽس مڪمل ڪري بحران تي ضابطو آندو، جن جا بل اڄ 18 هزار اچي رهيا آهن، 2017 ۾ انهن جو بل 1600 رپيا هو. مريم نواز اچڻ سان ئي اٽي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، هوءَ تمام گهڻي محنت ڪري رهي آهي، مريم نواز صحت ۽ صفائي لاءِ به محنت ڪري رهي آهي

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن ملڪ ۾ ساڍا 19 سيڪڙو شرح سود تي ڪير سيڙپڪاري ڪندو، آءِ ايم ايف جي شرطن جا مڪمل پابند آهيون

ڇا ڪوئي جواب ڏئي سگھي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ اسان جي خلاف سازش ڇو ڪئي وئي؟ ناقابل معافي آهن اهي ماڻهو جن 1600 کان 18 هزار رپين جي بل ۾ تبديلي ڪئي آهي. مان ماڻهن جي حالت ڏسي نه سگهيو آهيان

نواز شريف اعلان ڪيو ته پنجاب حڪومت آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بلن ۾ فوري رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 500 يونٽن تائين استعمال ڪندڙن کي 14 رپيا في يونٽ رليف ڏنو ويندو، پنجاب حڪومت مختلف کاتن مان 45 ارب رپيا جاري ڪري عوام کي رليف ڏيندو

هن چيو ته پنجاب ۾ سولر پينل اسڪيم تي 700 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. هن هدايت ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم پاران 200 يونٽ بجلي جو رليف سٺو قدم آهي.نواز شريف، شهباز شريف به بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن

Leave A Comment