نواز شريف پاران سموري بجيٽ سيشن ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو فيصلو
جُون 24, 2024
قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندڙ نواز شريف پاران سموري بجيٽ سيشن ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو فيصلو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نواز شريف جي بجيٽ سيشن مان غير حاضر رهڻ لاءِ موڪل جي درخواست منظور ڪري ورتي، نوازشريف پاران موڪل جي درخواست ۾ بجيٽ سيشن مان غير حاضر رهڻ جو ڪو به جواز پيش نه ڪيو ويو، نوازليگ جي ذريعن موجب نوازشريف وفاقي بجيٽ ۾ عوام تي ڳرا ٽيڪس لڳائڻ تي ناراض آهي، تنهن ڪري هو بجيٽ تي بحث ۽ منظوري واري عمل ۾ شريڪ نه پيو ٿئي