نواز شريف وٽ وڏي سياسي ڪچهري: ن ليگ به عدالتي سڌارن تي متفق، ڪجهه ترميمن تي اختلاف، اڄ پي ٽي آءِ سان صلاح
آڪٽوبر 17, 2024
لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کانپوءِ مسلم ليگ نواز به عدالتي سڌارن واري پيڪيج تي اتفاق ڪري ورتو، ڪجهه معاملن تي اختلاف ختم نه ٿي سگهيا. مولانا فضل الرحمان اڄ پي ٽي آءِ سان صلاح ڪندو. چيو پيو وڃي ته آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا ٿي چڪا آهن
تفصيل موجب رات لاهور ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي رهائش گاهه جاتي امرا ۾ سياسي اڳواڻن جي وڏي بيٺڪ ٿي، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، خواجا آصف، اسحاق ڊار، مريم نواز، مريم اورنگزيب، قانون وارو وفاقي وزير اعظم تارڙ، شيري رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ نمبر پورا هجڻ بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين سان ٿيل مشاورت تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي
اجلاس ۾ آئيني ترميم جي منظوري لاءِ حڪمت عملي به طئي ڪئي وئي، ميمبرن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين هم خيال جماعتن جي اڳواڻن کي ذميواري ڏني وئي.. اجلاس 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت جاري رهيو جنهن ۾ مهمانن جي مان ۾ رات جي ماني واري دعوت رکي وئي
ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ، آصف زرداري ۽ بلاول پ پ وفدن سان گڏ پهتا، نواز شريف ۽ شهباز شريف اڳواڻن جي آجيان ڪئي، مولانا فضل الرحمان سان ن ليگ جي وفد جي هڪ ڪلاڪ تائين ڊگهي مشاورت ڪئي وئي، جي يو آءِ سربراهه بعد ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جي سينئر اڳواڻن به شرڪت ڪئي
ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان، نواز شريف ۽ شهباز شريف سامهون پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا جنهن تي ٻنهي اڳواڻن سندس خدشا ختم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. ٻئي طرف اجلاس بعد رات جو دير سان ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اعلان موجب آئيني ترميم تي صلاح لاءِ نواز شريف سان ملاقات ڪئي. صدرآصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ن ليگ جي قيادت به موجود هئي. آئيني پيڪيج تي تفصيلي غور ڪيو ويو
هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي عدليا جي سڌارن بابت پيڪيج تي ن ليگ جو اتفاق حاصل ڪري ورتو آهي ٻين ترميمن تي اختلاف آهن جنهن تي به اميد آهي ته اتفاق حاصل ٿي ويندو. چاهيون ٿا ته اهڙا سڌارا ۽ ترميمون ڪيون وڃن جنهن سان ملڪ بچي سگهي،ادارن کي سندن دائرن تائين محدود رکيو وڃي، آئين جي بالادستي کي مضبوط ڪيو وڃي
هن چيو ته هڪ داري کي ٻئي تي بالادستي ڏينداسين ته اسان اهڙي ترميم جي حق ۾ نه آهيون. جيڪڏهن حڪومتي ڌر وارا اسان جي تجويزن تي آيا ته بسم الله نه ته اڄ به پراڻو مسودو رد ڪيو آهي ۽ سڀاڻي به رد ڪنداسين. ن ليگ ۽ اتحادي صلاح ڪندا اڄ پي ٽي آءِ واران سان ملاقات ڪري انهن جو اتفاق به حاصل ڪيو ويندو
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ عدالتي سڌارن ۽ ترميمن بابت جيڪو اتفاق ٿيو اڄ اسان ان اتفاق تي وڌيا آهيون ۽ ن ليگ به راضي ٿي آهي عدالتي سڌارن جي حوالي سان پارليامنٽ جي بالادستي چاهيون ٿا عوام کي انصاف ڏيارڻ چاهيون ٿا. هي اسان جي وڏن جو ٺاهيل آئين آهي ان جو تحفظ ڪنداسين ٻڌائينداسين ته آئين جي تشريح ڇا آهي، اميد آهي ته ٿي ويندو ۽ مناسب وقت تي ترميمون منظور ڪرائينداسين
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته فضل الرحمان، بلاول سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون. عدليا سڌارن تي اتفاق ٿي ويو آهي ٻين پوائنٽن تي به ويجها ٿيا آهيون انهن کي به جلد فائنل ڪيو ويندو. عوام جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڪنهن به پارٽي جو مسئلو نه آهي
هن چيو ته جلدانصاف فراهم ڪيو ويندو. وڌيڪ تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهون. آئيني معاملا ڌار ٻڌا ويندا ۽ پاڻمرادو نوٽيس جا معاملا ڪڍيا ويندا
اسلام آباد: حڪومت پاران 26هين آئيني ترميم پهرين سينيٽ مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر سڀاڻي 3 وڳي سينيٽ ۽ 4 وڳي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو
وزيراعظم حڪمران اتحاد جي سينيٽرن جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو، سمورن سينيٽرن کي دعوتناما اماڻيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ جي منظوري بعد مسودو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو