نواز کي سزا ايندي، جنرل فيض پهرين ٻڌايو هو: جسٽس(ر) شوڪت صديقي

آگسٽ 20, 2024

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي جو چوڻ آهي ته  نواز شريف کي سزا ايندي فيض حميد اهو پهرين ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي سينيئر جج نواز شريف ۽ فيض حميد بابت اهم انڪشاف ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته فيض حميد منهنجي گهر آيو ۽ چيو ته نواز ۽ مريم جو ڪيس توهان وٽ اچي ته ڇا ڪندا؟  جنهن تي مون کيس چيو ته پنهنجي آخرت خراب نٿو ڪرڻ چاهيان، جنهن تي فيض حميد جو چوڻ هو ته اسان جي ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري جنرل فيض آيو چيائين توهان وٽ جلدي اچان ها پر ڪراچي ايم ڪيو ايم جا اسڪرو ٽائيٽ ڪرڻ ويو هيس، منهنجو باس باجوه صاحب چئي رهيو آهي ته توکان هڪ جج قابو نه ٿو ٿئي، مون کي وقتي چيف جسٽس بڻائڻ جي آڇ ٿي مون ان کي ٺڪرائي ڇڏي

Leave A Comment