نيب وارا ضمير فروش آهن، پئسا ڏئي جيڪو وڻي ڪرايو: عمران ۽ نيب پراسيڪيوٽر ۾ منهن ماري
جُولاءِ 30, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نئين توشا خانه ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ نيب جي نئين توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي ۽ نئين توشاخانه ريفرنس جو جاچ آفيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون به عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو . ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي ۽ پي ٽي آءِ باني وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ان دوران بشريٰ بي بي به پي ٽي آءِ باني سان گڏ روسٽرم تي اچي وئي. بشريٰ بي بي جج کي چيو ته اوهان کي جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي ڪريو، مون پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏيو آهي، اوهان جنهن منصب تي ويٺا آهيون اوهان کي نظر نٿو اچي ته نيب ڇا ڪري رهيو آهي؟ اسان سان مسلسل ناانصافي ٿي رهي آهي. هن چيو ته نيب وارا کاٻي پاسي بيٺا آهن، اسان ساڄي پاسي بيٺا آهيون، نيب وارا هڪٻئي پٺيان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي عمران خان سوال اُٿاريندي چيو ته منهنجي گهرواري جو توشا خانه سان ڪو به واسطو ناهي، کيس ڇو سزا ڏني پئي وڃي؟ وزيراعظم آئون هيس، بشريٰ بي بي عوامي نمائندو نه هئي. عمران چيو ته نيب وارا ضمير فروش آهن، انهن کي پئسا ڏئي ڪهڙو به ڪم وٺي سگهجي ٿو.نيب ٽيم کي ضمير فروش چوڻ تي پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ عمران کي چيو ته اوهان مون سان پرسنل نه ٿيو، ڪيس تي ڳالهايو، مون اڄ تائين اوهان جي ذات تي تبصرو ناهي ڪيو. هن چيو ته اوهان مون کي 30 هزار رپين ۾ مڪمل ڊنر ۽ ٽي سيٽ راجا بازار مان خريد ڪري ڏيکاريو، ڇا محمد بن سلمان اوهان کي 30 هزار ماليت جو ڊنر ۽ ٽي سيٽ تحفي ۾ ڏنو هو؟ ٻنهي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ عدالت ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو، وقفي کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي (م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران جي ايچ ڪيو ٻاهران احتجاج جي تصديق ڪندي ان جي وضاحت به ڪئي آهي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جي ايچ ڪيو ٻاهران پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو هو، منهنجي بيان کي ايئن پيش ڪيو ويو ڄڻ مون 9مئي واقعن جو اعتراف يا ڏوهه ڪيو هجي، پوليس جاچ ۾ به پرامن احتجاج جو چئي چڪو آهيان، هن چيو ته 14 مارچ تي منهنجي گهر تي حملو ڪيو ويو، 18مارچ تي جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران مون کي قتل ڪرڻ جو پلان هو جنهن جا ثبوت آهن، مون پارٽي کي چيو هو ته فوج يا رينجرز مون کي گرفتار ڪري ته جي ايچ ڪيو ٻاهران وڃي پرامن احتجاج ڪريو، هڪ سوال تي عمران چيو ته پرامن احتجاج ان ڪري نه ٿيو جو انهن جو پهريان کان اهو پلان هو، سي سي ٽي وي فوٽيج ان ڪري سامهون نٿا آندا وڃن، ڇو ته ان ۾ اسان جا ماڻهو ناهن اهي بيگناهه ثابت ٿي ويندا، 9مئي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز چوري ٿيڻ تي عدالت ويندس، پاڻ رينجرز خلاف ڪيس ڪندس ته ڪيئن اڳوڻي وزيراعظم کي هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان اغوا ڪيو ويو، ڪنهن اهڙو حڪم ڏنو هو، عمران چيو ته حڪومت سوشل ميڊيا تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي، فارم 47 سان حڪومت ۾ ايندڙن جي ڪوشش آهي ته فوج ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ٽڪراءُ ٿئي، حڪومت فوج ذريعي پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، سوشل ميڊيا تي عوام جي آواز کي دهشتگردي سان نه جوڙيو وڃي، تنقيد نه ٿيندي ته ادارا تباهه ٿي ويندا، پاڪ فوج پ پ يا ن ليگ جي ناهي پاڪستان جي آهي، فوج حڪومت سان گڏ بيهندي ته ان جي ساک متاثر ٿيندي، اسان خلاف جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي ان پٺيان اسٽبلشمينٽ آهي، هڪ سوال تي عمران چيو ته اسان ڳالهيون پهريان به ڪيون پر ان جو نتيجو نه نڪتو، اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت نه ملڻ تي 5 آگسٽ تي صوابي ۾ وڏو پاور شو ڪنداسين، ٻي ڪنهن پارٽي وٽ عوامي پاور آهي ته صوابي ۾ جلسو ڪري ڏيکاري.