ناڪاري پروپيگنڊا ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪي نه ٿي سگهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

اپريل 26, 2024

ناڪاري پروپيگنڊا ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪي نه ٿي سگهي، ترقيءَ جي سفر ۾ رنڊڪون وجهندڙن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون: آرمي چيف جنرل عاصم منير جو گرين پاڪستان انيشيئيٽو ڪانفرنس کي خطاب، جنرل عاصم منير چيو ته اڄوڪي دور ۾ معاشي استحڪام کانسواءِ مڪمل خودمختياري جو تصور ممڪن نه آهي، ترقي جي سفر ۾ رنڊڪون وجهڻ ۽ ڌيان هٽائڻ وارن جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون، اسان سڀ گڏجي ٽيم پاڪستان آهيون، ناڪاري پروپيگنڊا ۽ ٽرولز ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪي نه ٿا سگهن، آرمي چيف چيو ته اچو ته سڀ گڏجي ناڪاري قوتن کي رد ڪيون ۽ سڀ گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي سفر تي ڌيان رکون

Leave A Comment