آءِ ايم ايف سان ڳالهيون بنا نتيجي ختم: رعايت کان انڪار، ٽيڪس وڌائڻ ۽ پارليامينٽ مان منظوري جو شرط
جُون 10, 2024
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايندڙ قرض پروگرام جي حوالي سان ڪيترن ئي تجويزن تي اختلاف برقرار آهن، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اڳوڻي فاٽا جي علائقن لاءِ ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اتفاق ناهي ٿي سگهيو، ٻنهي ڌرين ۾ ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.
ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف پاران اڳوڻي فاٽا لاءِ ٽئڪس ڇوٽ ختم تي ضد برقرار آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت جو موقف آهي ته هڪ سال لاءِ ٽئڪس ڇوٽ ضروري آهي، اڳوڻي فاٽا کي درآمدي مشينري، انڪم ٽئڪس تي ڇوٽ ڏيڻ ضروري آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جو ايڪسپورٽرز تي انڪم ٽئڪس وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جنهن ذريعي ايڪسپورٽرز تي لڳل انڪم ٽئڪس جي شرح وڌائي پئي وڃي
ذريعن موجب پگهاردار طبقي تي انڪم ٽئڪس ريٽ تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ اتفاق ناهي ٿي سگهيو، ڳالهين ۾ 4 لک 67 هزار ماهوار کان وڌيڪ ڪمائيندڙ پگهاردار طبقي تي 45سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪرڻ تي بحث ٿيو
هن وقت سڀ کان وڌيڪ انڪم ٽئڪس 5 لک رپيا ماهوار ڪمائيندڙن تي 35 سيڪڙو لاڳو آهي، زراعت ۽ هيلٿ سيڪٽر تي 18سيڪڙو سيلز ٽئڪس تي به اتفاق نه ٿيو، فرٽيلائيزر، پيسٽي سائيڊز، ٻجن، ميڊيسن، سولر پينل، ميڊيڪل ۽ سرجيڪل سامان سميت ٻين شين تي 18سيڪڙو سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو
حڪومت انهن شين تي سيلز ٽئڪس لڳائڻ لاءِ تيار ناهي.ذريعن موجب پاڪستان پاران هڪ لک ماهوار پينشنرز تي ٽئڪس لڳائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو
صوبائي ۽ وفاقي ٽئڪسز ۾ هم اهنگي لاءِ قومي ٽئڪس اٿارٽي/ڪونسل قائم ڪرڻ تي ڳالهيون جاري آهن. ذريعن موجب ريئل اسٽيٽ شعبي تي ٽئڪس لڳائڻ تي اڳڀرائي ٿي، آءِ ايم ايف قرض پروگرام جا شرط بجيٽ جو حصو بڻائي پارليامينٽ مان منظوري جو شرط رکيو آهي، آءِ ايم ايف پنهنجي مطالبن ۾ ڪا به رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي