نيپرا بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 90 پئسا واڌ ڪري ڇڏي
جُون 4, 2024
اسلام آباد: حڪومت جون مهيني لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جون مهيني لاءِ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 90 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي
نيپراڪي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جولاءِ ۽ آگسٽ لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 93 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي
نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان صارفين تي 46 ارب 61 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو، جڏهن ته صارفين کان جون کان آگسٽ 2024ع ۾ اضافي وصوليون ڪيون وينديون
نوٽيفڪيشن موجب قيمتن ۾ واڌ هلندڙ مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي ۾ ڪئي وئي آهي