نيپرا ڪراچي وارن لاءِ بجلي ٻن مهينن جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 5 رپيا 76 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

آگسٽ 22, 2024

اسلام آباد (م ڊ) نيپرا ڪراچي وارن لاءِ بجلي ٻن مهينن جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 5 رپيا 76 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ لاءِ مئي ۽ جون جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 5 رپيا 76 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي. نيپرا ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ مئي جي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي ٻه رپيا 59 پئسا في يونٽ ۽ جون جي ايڊجسٽمينٽ مد ۾ بجلي 3 رپيا 17 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي. نيپرا نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مئي جي واڌ آڪٽوبر ۾ ۽ جون جي واڌ نومبر ۾ وصول ڪئي ويندي.

Leave A Comment