نئين ديري ۾ بروهي-کوکر تڪرار جو نبيرو، 2 خون ثابت، هڪ ڪروڙ 20 لک ڏنڊ
سيپٽمبر 2, 2024
نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) رتوديرو ۾ بروهي ۽ کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو ريسٽ هائوس نئون ديرو ۾ آغا علي نواز جلباڻي ۽ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري جي سرپئنچيءَ ۾ ٿيو. نبيري ۾ بروهي ڌر پاران عطاءُ الله بروهي، سرفراز ۽ کوکر ڌر طرفان پير بخش کوکر ۽ عاشق کوکر سرپئنچن آڏو پنهنجا بيان پيش ڪيا. نبيري ۾ ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد عورت سنڌو کوکر جي خون بها 60 لک مقرر ڪري ناجائزي ۽ اڳرائيءَ جو 20 لک ڏنڊ سميت کوکر ڌر تي 80 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته کوکر برادري جا ماڻهون بروهي ڌر ڏانهن ميڙ پڻ کڻي ويندا. جڏهن ته کوکر ڌر جي اطهر کوکر جي خون جا 30 لک بروهي برادري تي ڏنڊ مقرر ڪيو جيڪو مقتول جي والد عاشق کوکر کي ادا ڪندا. جڏهن ته سرفراز کوکر مٿان بيگناهه ڪيس داخل ڪرائڻ جو ڏنڊ 10 لک روپيه مقرر ڪري مجموعي طور هڪ ڪروڙ 20 لک روپيه ٻنهي ڌرين مٿان ڏنڊ عائد ڪيو ويو. نبيري ۾ اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان هڪ ڪروڙ ڏنڊ پڻ مقرر ڪيو ويو. فتويٰ ٻڌائڻ بعد ٻنهي جي ماڻهن کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ياد رهي ته 10 سال اڳ رتوديرو ۾ مقتولا عورت سنڌو کوکر رتوديرو جي بروهي برادري جي نوجوان گل محمد بروهي سان پسند جي شادي ڪئي هئي، مقتولا عورت کي پنهنجي ئي کوکر برادري جي ماڻهن شهر جي بازار ۾ 14مهينا اڳ گوليون هڻي هڻي قتل ڪيو هو جڏهن ته پلاند ۾ بروهي برادري جي ماڻهن 6 مهينا اڳ اطهر کوکر کي گهر ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيو هو.