نئين ديري ۾ مڱڻيجا گوپانگ تڪرار جو نبيرو، 3 خون ۽ 7 زخمين جو هڪ ڪروڙ 13 لک ڏنڊ

جُون 24, 2024

نئون ديرو(رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ريسٽ هائوس ۾ مڱڻيجا ۽ گوپانگ برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو علي نواز جلباڻيءَ جي سرپئنچيءَ ۾ ٿيو، نبيري ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز لغاري، اظهر ڪماريو، ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، اشفاق ڀٽو ۽ ٻين خصوصي طور تي شرڪت ڪئي

جڏهن ته فيصلي ۾ مڱڻيجا ڌر پاران يار محمد مڱڻيجو، بشير سهتو، محمد رمضان سهتو، حبيب الله مڱڻيجو، محمد علي سهتو، رياض حسين سهتو، مسعود احمد سهتو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ۽ گوپانگ ڌر پاران فدا حسين گوپانگ، قمبر شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين قمرالدين گوپانگ، يعقوب خان، حاجي ثناءُ الله گوپانگ، غلام علي گوپانگ، عبدالڪريم ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.فيصلي دوران مڱڻيجا ڌر پاران محمد رفيق مڱڻيجو ۽ گوپانگ ڌر پاران مشتاق گوپانگ سرپئنچن آڏو پنهنجا بيان، قتل توڙي زخمين ۽ خرچن جا تفصيل به پيش ڪيا

ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد سرپئنچ علي نواز جلباڻي جي نگرانيءَ ۾ اعجاز لغاري فيصلي جي فتويٰ ٻڌائيندي ٻنهي ڌرين مٿان 3 خونن ۽ 7 زخمين جا مجموعي طور هڪ ڪروڙ 13 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. مڱڻيجا ڌر مٿان غلام سرور گوپانگ جي خون، علاج جا 30 لک، هڪ نينگري سميت 3 زخمين جا 11 لک 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو۽ گوپانگ ڌر مٿان ٻن خونن امجد عرفان مڱڻيجو جي قتل جا 50 لک ۽ 4 زخمين جا 21 لک 50 هزار ڏنڊ لڳايو ويو

ڪارنهن تڪرار نبيرڻ يا نبريل هجڻ جي صورت ۾ مهيني اندر ظاهر يا حل ڪيو ويندو

نئون ديرو: فيصلي ۾ ڪارنهن تڪرار کي بعد ۾ نبيرڻ يا نبيريل هجڻ جي صورت ۾ هڪ مهيني اندر ظاهر ڪيو ويندو يا ان کي حل ڪيو ويندو. اهڙي فتويٰ اچڻ بعد ٻنهي ڌرين مقرر ڪيل ڏنڊ جي رقمن مان ڪجهه رقم هڪٻئي کي ادا ڪري ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.

2019ع ۾ڌرين ۾ ڪارنهن تان جهيڙو شروع ٿيو هو

نئون ديرو: مڱڻيجا – گوپانگ برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار 2019ع ۾ ڪارنهن تڪرار تان شروع ٿيو جنهن بعد جون 2020ع ۾ گوپانگ ڌر جا 5 ڄڻا زخمي ٿيا جنهن ۾ غلام سرور گوپانگ علاج دوران فوت ٿي ويو جنهن جي پلاند ۾ گوپانگ ڌر حملو ڪري امجد ۽ عرفان مڱڻيجو کي قتل ڪري عورت سميت 4 ڄڻن کي زخمي ڪيو

گوپانگ – مڱڻيجا خوني تڪرار جي نبيرو ٿيڻ بعد علائقي جي ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پاران کنيل اهڙي قدم جي آجيان ڪئي آهي

ڌريون ٽن قسطن ۾ هڪٻئي کي ڏنڊ جون رقمون ادا ڪنديون

نئون ديرو: ڌريون ٽن قسطن ۾ هڪٻئي کي ڏنڊ جون رقمون ادا ڪنديون، پهرين قسط پهرين جولاءِ تي گوپانگ ڌر 10 لک مڱڻيجا ڌر کي ادا ڪندي ۽ تڏو بخشرائيندي جنهن بعد ٻئي ڏينهن تي مڱڻيجا ڌر 5 لک گوپانگ ڌر کي ادا ڪندي ۽ تڏو بخشرائيندي

ٻي قسط آڪٽوبر مهيني جي پهرين تاريخ تي ٻئي ڌريون رهيل رقم جا اڌ پئسا هڪٻئي کي ادا ڪنديون ۽ آخري قسط جنوري مهيني جي پهرين تاريخ تي رهيل رقم ڌريون هڪٻئي کي ادا ڪري لکت ڪري ڏينديون.اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويندو

Leave A Comment