نئين حڪومت لاءِ آءِ ايم ايف کان پروگرام هڪ چيلنج هوندو: فچ
فيبروري 20, 2024
ڪراچي (م ڊ) عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ چيو آهي ته پاڪستان ۾ غير يقيني سياسي صورتحال آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ڊيگهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي. فچ پاڪستان بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ غير يقيني سياسي صورتحال تازي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿي، نئين حڪومت لاءِ آءِ ايم ايف کان پروگرام هڪ چئلينج هوندو. فچ موجب غير يقيني سياسي صورتحال تازي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ڊيگهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي، نئين حڪومت کي فوري طور تي امدادي ادارن کان فنڊنگ جي ضرورت هوندي. فچ چيو آهي ته چونڊن ۾ تحريڪ انصاف اميدوارن مضبوط ڪارڪردگي ڏيکاري، ن ليگ ۽ پ پ گڏيل حڪومت ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، جيڪڏهن تحريڪ انصاف اقتدار کان پاسي تي رهي ته عوام ۾ ان جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿي سگهي ٿي.