نئون قرض پروگرام: استحڪام باوجود معيشت کي وڏا خطرا: مهانگائي ۽ بيروزگاري ايندڙ سال گهٽبي: حدفن تي سختي سان عمل ڪريو: آءِ ايم ايف
مَي 11, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پاران پاڪستاني معيشت ۾ بهتري اچڻ جو اعتراف ڪندي چيو ويو آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ايندڙ سال گهٽ ٿيندي، نئين قرض پروگرام جي سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ آءِ ايم ايف جي معاون ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي
آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هن سال پاڪستان جي معاشي ترقي 2سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، ايندڙ سال پاڪستان جي شرح نمو وڌي 3.5سيڪڙو ٿيندي، آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب هن سال مهانگائي 24.8سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، ايندڙ سال 12.7سيڪڙو رهندي
بيروزگاري جي شرح هن سال 8سيڪڙو ۽ ايندڙ سال ساڍا 7سيڪڙو تي اچڻ جو امڪان آهي، هن سال مالي خسارو 7.5سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي ۽ ايندڙ سال جي ڊي پي جي 7.4سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو منفي 0.8سيڪڙو رهندو، ايندڙ سال گهٽجي منفي 1.2سيڪڙو تي اچي ويندو
آءِ ايم ايف چيو آهي ته قرض پروگرام سان پاڪستاني معيشت ۾ بهتر آئي آهي، پاڪستان جا معاشي استحڪام جا آثار مضبوط آهن ، معاشي استحڪام باوجود معيشت وڏن خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان کي مالي حدفن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، نئين قرض پروگرام جي سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ آءِ ايم ايف جي معاون ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي، آءِ ايم ايف وفد معاشي ٽيم سان ڳالهيون ڪندو
آءِ ايم ايف جو سربراهي مشن 16مئي جي رات پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، معاون ٽيم مختلف ادارن کان ڊيٽا وٺندي ۽ ناڻي وزارت سان گڏجي بجيٽ تي ڪم ڪندي، آءِ ايم ايف مشن 10 ڏينهن کان وڌيڪ وقت پاڪستان ۾ رهندو