سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ نئين ڀرتين ۽ بدلين تي بندش: بجيٽ وڌائڻ لاءِ تجويزون طلب
مَي 30, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن ۾ شفافيت، ڪم ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مقررين، بدلين ۽ نئين ڀرتين تي فوري طور پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته هڪ لوڪل ڪائونسل جي ملازم کي ٻي ڪائونسل ۾ منتقل نٿو ڪري سگهجي،گذريل پنجن سالن دوران لوڪل ڪائونسل جي ملازمن جي مقررين ۽ بدلين جا تفصيل کيس 15 ڏينهن اندر فراهم ڪيا وڃن. آئون پاڻ ڀرتي ڪيل ملازمن جي تعداد جو چڱي ريت جائزو وٺي معائنو ڪندس. هن مڪاني ڪائونسلن ۾ نيئن ڀرتين تي مڪمل پابندي لڳائيندي چيو ته جيڪڏهن اسٽاف جي کوٽ آهي ته لوڪل ڪائونسلز پنهنجا ميونسپل ڪم آئوٽ سورس ڪن. وڏي وزير مڪاني وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هو سمورن يونين ڪائونسلن، ٽائونز، ضلعي ڪائونسلن ۽ ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ لوڪل گورنمينٽ ملازمن جي پگهارن جي ادائگي لاءِ سسٽم ايپليڪيشن اينڊ پراڊڪٽس لاڳو ڪري. هن چيو ته اسان اي ايس پي سسٽم ٺاهيو آهي، آئون چاهيان ٿو ته توهان جو کاتو انهي تي عمل ڪري گهوسٽ ملازمن جون پگهارون روڪي. مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ٻڌايو ته سنڌ ۾ 1889 مڪاني ادارا آهن، جن ۾ هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ڪي ايم سي ، پنج ميونسپل ڪارپوريشن، 45 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن، 22 ضلعي ڪائونسلون، 36 ميونسپل ڪاميٽيون، 142 ٽائون ڪاميٽيون، 1638 يونين ڪائونسلون شامل آهن. وڏي وزير مڪاني وزير کي هدايت ڪئي ته مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن اجلاس ۾ وڏي وزير ۽ وزير کاتي ۾ سڌارا آڻڻ، ملازمن جي مقررين، بدلين ۽ ترقين ۾شفاف نظام آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير چيو ته ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن سان ملاقاتن دوران مڪاني ادارن جي بجيٽ ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو ويو هو . هن سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هو بجيٽ/گرانٽس ۾ واڌ لاءِ تجويزون پيش ڪري ته جيئن ان تجويز کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ شامل ڪري سگهجي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي صوبائي فنانس ڪميشن جي قيام لاءِ تجويز موڪلڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
تعليم کاتي پاران استادن جون 30 هزار نيون آساميون ظاهر
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته اسڪول ايجوڪيشن کي بهتر بڻائڻ کي اوليت ڏئي رهيا آهيون، اسان ڪلاس روم ۾ سکيا واري ماحول کي بهتر بڻائيندي استاد جي بهترين تربيت ڪرايون پيا، ڪالهه تعليم کاتي بابت اجلاس ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه ٻڌايو ته 19808 اسڪولن کي ٻوڏ سبب نقصان پهتو آهي. اسان عارضي انتظامن تحت ڪلاسن کي هلائي رهيا آهيون. انهن اسڪولن جي عمارتن جي جلد کان جلد مرمت ڪرائي وڃي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڊونر ايجنسين ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ايندڙ مالي سال دوران سمورن تباهه ٿيل اسڪولن جي بحاليءَ جو ڪم ڪرايو ويندو. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته پري پرائمري کان پرائمري ۽ پوءِ سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري تائين شاگردن جو ڊيٽا بي فارم جي بنياد تي تيار ڪيو وڃي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ مختلف گريڊن ۽ ڪيڊرن جي استادن جون 30 هزار پوسٽون خالي آهن. جنهن تي تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي کيس سفارشون موڪلين ته جيئن ايندڙ بجيٽ ۾ خالي جايون پيدا ڪري سگهجن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاءِ اسڪولن ۾ اڳ ئي قائم ڪيل سائنس ليبز، لائبريرين ۽ ورڪشاپس کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. ڊي اي اوز انهن جو باقاعده معائنو ڪندا. وڏي وزير چيو ته اپ گريڊ ٿيل اسڪولن (پرائمري کان ايليمينٽري) کي سائنس ليب، لائبريري ۽ ورڪشاپ جون پڻ سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته نئين سمري پيش ڪئي وڃي.
زيراعليٰ 8 مان رڳو ڏيڍ لک مزدور ڪارڊ ٺهڻ تي ناراض: هاري ڪارڊن جو حڪم
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ (سيسي) کي هدايت ڪئي آهي ته بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ڪالهه ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ لڳ ڀڳ 8 لک ورڪرز آهن. سيسي نادرا سان پهرين مرحلي ۾ 6 لک 25 هزار ڪارڊ جاري ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي، نادرا هڪ لک 50 هزار ڪارڊ جاري ڪيا آهن، 2 لک 50 هزار ڪارڊن جي ٻي قسط ايندڙ مهيني جون جي آخر تائين جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. مراد علي شاهه ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته نادرا عملدارن سان ملاقات ڪري جلد کان جلد ڪارڊ جاري ڪيا وڃن. هن چيو ته وڌيڪ دير ٿيڻ سان مزدورن ۾ احساس محرومي وڌندو، هوڏانهن زراعت کاتي بابت اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪيا وڃن