
ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر) آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، پوليس آفيسرن کي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ آپريشن تيز ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. ڪنڌڪوٽ جي دوري تي پهتل آءِ جي کي آر پي او سکر، لاڙڪاڻو ۽ ڪنڌڪوٽ ڊويزن جي ڊي آءِ جي امن امان بابت بريفنگ به ڏني. آءِ جي سنڌ پاران امن عمل بحال ڪرائڻ لاءِ ڏوهارين خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.