تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

آءِ جي سنڌ سوڌو پوليس جا سينيئر آفيسرز موڪل تي روانا

ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر گرفتاري واري واقعي بعد سنڌ پوليس ۾ صدمي ۽ مايوسي واري صورتحال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر گرفتاري واري واقعي کانپوءِ سنڌ پوليس ۾ صدمي ۽ مايوسي واري صورتحال ڇانيل آهي. آءِ جي سنڌ سوڌو پوليس جا ڪيترائي سينيئر آفيسرز موڪل تي روانا ٿي ويا. آءِ جي سنڌ ۾ مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ عمران يعقوب منهاس موڪل تي وڃڻ لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون، ڪراچي جي ٽنهي زونل ڊي آءِ جيز ۽ ڊي آءِ جي سِي ٽِي ڊي طرفان موڪل تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ڊي آءِ جي ميرپور خاص ڊاڪٽر ذوالفقار لاڙڪ ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ موڪل تي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سي پي او آفيس جي ذريعن طرفان پوليس جي ڪيترن ئي سينيئر آفيسرز طرفان موڪل تي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ مشتاق مهر اڄ به پنهنجي آفيس نه ويو هو.

Bookmark the permalink.