تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

آئون کلاڙي يا سليڪٽيڊ نه آهيان جو واعدن تي يوٽرن وٺان: بلاول ڀٽو طرفان گلگت جي عوام کي ڳري اڪثريت سان ڪامياب ڪرڻ جي اپيل

شهيدن جي مشن کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ گلگت بلتستان جو عوام منهنجو ساٿ ڏئي:بلاول

اسڪردو (ڊيسڪ رپورٽ) گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم دوران بلاول ڀٽو طرفان عوام کي ڳري اڪثريت سان ڪامياب ڪرڻ جي اپيل، اسڪردو ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئون کلاڙي يا سليڪٽيڊ نه آهيان جو واعدن تي يوٽرن وٺان،گلگت بلتستان جي عوام کي ڌار صوبو ڏيڻو پوندو، 15 نومبر تي چونڊن ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان ڪامياب ڪريو ته جيئن گلگت جي عوام کي پنهنجي زمين تي مالڪي ڏيون، شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو گلگت جي عوام کي حق ڏنا، شهيدن جي مشن کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ گلگت بلتستان جو عوام منهنجو ساٿ ڏئي.

Bookmark the permalink.