تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

آرزو ڪيس جو چالان 14 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت آرزو فاطمه اغوا ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد علي اظهر کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ ۽ کي جاچ مڪمل ڪري 14 ڏينهن ۾ چالان جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه آرزو فاطمه جي والدين پاران نينگري جي اغوا بابت داخل ڪرايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار علي اظهر کان جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، تنهن ڪري جوابدار جي وڌيڪ ريمانڊ جي ضرورت ناهي. جاچ آفيسر چيو ته آرزو ۽ علي اظهر جو نڪاح پڙهائيندڙ مولوي عبوري ضمانت تي آهي، هن چيو ته مولوي بيان ڏنو آهي ته آرزو جي وڪيل محمود آرزو جو خودمختياري سرٽيفڪيٽ نڪاح پڙهائيندڙ کي پيش ڪيو، اسان وڪيل محمود جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پر هو فرار ٿيل آهي. جاچ آفيسر عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته آرزو جي خودمختاري سرٽيفڪيٽ تي جسٽس آف پيس جي مهر لڳل آهي. ٻئي پاسي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت آرزو فاطمه جو نڪاح پڙهائيندڙ قاضي عبدالرسول جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي

Bookmark the permalink.