
ملتان ( رپورٽر) شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان وڏي سياسي انٽري ڪري رهي آهي. آصفه ڀٽو زرداري گيلاني هائوس کان قافلي جي صورت ۾ جلسي گاهه پهتي، رستي تي ڪارڪنن طرفان گُلن جي ورکا ۽ نعرن جي گونج سان آصفه ڀٽو جي آجيان ڪئي. آصفه ڀٽو زرداري جي گاڏي جي ڊرائيونگ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڪئي، ڪورونا ۾ مبتلا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ ذريعي جلسي کي خطاب ڪندو.