تازا ترين
  • *حڪومت صادق سنجراڻي کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين لاءِ اُميدوار طور نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو -وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ڪري رهيو آهي، وزيراعظم طرفان اهم اعلان جا امڪان *صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر تي طلب ڪري ورتو: ذريعا*
  • *لاهور: شهباز شريف جي فيملي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت پاران شهبازشريف کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، جيل سپرنٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري*
  • *حيدرآباد مان دڪاندارن کان ڦرلٽ، ٻن شهرين جون موٽرسائيڪلون چوري *ناج منڊي ۾ ٽن ڦورن جي سرهندي ٽريڊرز تي ڪاهه دڪاندار عبدالحميد ۽ ٻين کي يرغمال بڻايو *ڦورو دڪاندارن کان سوا لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻه موبائيل فون ڦر ڪري فرار *هريش ڪمار ۽ آصف قريشي جون موٽرسائيڪلون چوري، جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس*
  • *حيدرآباد: قاسم آباد ۾ هٿياربندن پاران پئٽرول پمپ تان ڦرلٽ، مزاحمت تي چوڪيدار سخت زخمي *هٿياربندن ڦرلٽ دوران مزاحمت تي چوڪيدار ليمن پٽ يوسف شورو کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا: پمپ مالڪ *چوڪيدار تي پراڻي دشمني تان حملو ٿيو، کيس 3 گوليون لڳيون آهن: نسيم نگر پوليس*
  • *رتوديرو: شهداد ڪوٽ روڊ تي ٻوسڻ پيٽرول پمپ ڀرسان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل*
  • *درياءَ خان مري ويجهو باهه لڳڻ سبب چار گهر سڙي رک، 2مينهون ۽4 ٻڪريون به سڙي مري ويون *ڳوٺ خان محمد وڳڻ ۾ باهه سبب رانجهن، پنهل، مجن ۽ امتياز وڳڻ جا گهر سڙي ويا *باهه سبب 2مينهون، 4 ٻڪريون ۽ هڪ گڏهه سڙي مري ويو، کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون: متاثر *
  • *بخشاپور: گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس اٽالن جو ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن *ڊي ايس پي بخشاپور جي اڳواڻي ۾ ٽن ٿاڻن جي پوليس پاران اي پي سي چين سميت سرچ آپريشن *آپريشن دوران ڏوهارين ببي عرف مسڪان بنگوار ۽ سائو بنگوار جون اوطاقون ڊاهيون ويون: پوليس*
  • *نوابشاهه ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ ڊاڪٽر سوها بلوچ کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو *بلوچ برادريءَ جا ماڻهو وڏي انگ ۾ عدالت ٻاهران پهچي ويا، پوليس سان چڪرين دوران 8 ڄڻا زخمي *پوليس سان چڪرين ۾ هڪ اهلڪار، ٻارڙي ۽ ٽن عورتن سميت 8 زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل*
  • *لاڙڪاڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ ٺارو ديرو واسي 22 سالن جو صدام پٽ سڪندر جکڙ زخمي ٿي پيو *صدام کي سجاد جکر، ذوالفقار جکر ۽ ٻين فائرنگ ڪري زخمي ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: زخمي جو ڀاءُ*
  • *ڏهرڪي جي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ17 شاگرد بخار ۾ وٺجي ويا *ڪاليج انتظاميه شاگردن کي گهر موڪلي هاسٽل کي تالا لڳائي ڇڏيا*

اسريٰ فائونڊيشن ۾ اختيارن جو تڪرار نه نبريو، ڪمشنر پاران قائم ڪيل ڪميٽي به ٻوٽو ٻاري نه سگهي

اڳوڻي چانسلر اسد الله قاضي وقت کان اڳ عهدو ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو: ذريعا

فنڊ بحال نه ٿيڻ ۽ تڪرار نه نبرڻ جي ڪري اسريٰ فائونڊيشن جي ادارن جو ڪاروهنوار متاثر

حيدرآباد (رپورٽ فيض کوسو) اسريٰ فائونڊيشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ اختيارن جو تڪرار اڃا تائين نبري نه سگهيو آهي جنهن سبب اسريٰ فائونڊيشن جي يونيورسٽي، اسپتال، ڪاليجن ۽ ٻين ادارن جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي ويو آهي. اسريٰ فائونڊيشن جي ادارن جا مالي اختيار قاضي ڀائرن وٽ هجڻ جي ڪري اسريٰ يونيورسٽي، اسريٰ اسپتال ۽ اسريٰ ڪاليجن سان لاڳاپيل مالي معاملا رولڙي جو شڪار بڻيل آهن. ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ 5 جنوري تي هڪ اجلاس طلب ڪري اسريٰ فائونڊيشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ تڪرار جا معاملا نبيرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي جنهن جو سربراهه صالح ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو هو. ان ڪميٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار، پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمد جتوئي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ کي به شامل ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ڪمشنر جي گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو هو ته اسريٰ يونيورسٽي جو چانسلر اسد الله قاضي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو ۽ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري نئين چانسلر سان گڏجي يونيورسٽي جا معاملا هلائيندو. ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو هو ته يونيورسٽي جا فنڊ بحال ڪيا ويندا پر اهي فنڊ به اڃا تائين بحال نه ٿي سگهيا آهن. ذريعن موجب اسريٰ يونيورسٽي جي چانسلر اسد الله قاضي وقت کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب يونيورسٽي جا فنڊ بحال نه ٿي سگهيا آهن ڇاڪاڻ ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل قاضي برادران جو اهو اعتراض آهي ته جڏهن ڪمشنر جي فيصلي مطابق چانسلر پنهنجو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي ته پوءِ يونيورسٽي جا فنڊ ڇو بحال ڪجن؟ ڪمشنر جي گڏجاڻي ۾ اهو به طئي ڪيو ويو هو ته ڌريون ڪورٽن ۾ داخل ڪيس واپس وٺنديون پر اهي ڪيس به اڃا تائين واپس نه ٿي سگهيا آهن. ڪمشنر جي ان اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ ايس ايس پي عبدالسلام شيخ به موجود هئا جن تي اها ذميواري رکي وئي هئي ته هو فيصلن تي عمل جي نگراني ڪن. ذريعن موجب ڊي سي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد ڌرين سان بار بار رابطو ڪيو آهي پر ان جي باوجود چانسلر اسد الله قاضي وقت کان اڳ پنهنجو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. اهڙي صورتحال سبب ڊويزنل انتظاميا سخت پريشان آهي جو انتظاميا جي فيصلي تي اڃا تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن ڪمشنر پاران جوڙيل ڪميٽي ٻنهي ڌرين کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رُڌل آهي پر اڃا تائين ڪميٽي کي ڪا به خاطرخواهه موٽ نه ملي آهي. رابطو ڪرڻ تي اسريٰ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري ٻڌايو ته ڪميٽي چانسلر اسد الله قاضي کان سندس عهدو ڇڏائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. اميد آهي ته جلد اهو معاملو حل ٿي ويندو. هن چيو ته اڃا تائين چانسلر پنهنجو عهدو نه ڇڏيو آهي ۽ ڪنهن ٻي چانسلر عهدي جي چارج نه ورتي آهي.

Bookmark the permalink.