تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

اسلام آباد ۾ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جو بطرفي خلاف نائين ڏينهن به احتجاج جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جو بطرفي خلاف نائين ڏينهن به احتجاج جاري، بطرفي ملازمن طرفان بحالي ۽ رهيل پگهارون ڏيڻ لاءِ نعريبازي، ريڊيو ملازمن جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار غريب ملازمن کي رستن تي اچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، اسان پُرامن مظاهرو ڪريون پيا پر حڪومت بُک مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي، پگهارون نه ملڻ سبب ٻچن سوڌو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، وفاقي حڪومت ريڊيو پاڪستان جي 750 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو هو، ملازمن طرفان برطرفي وارو فيصلو جلد واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.