نيو يارڪ (دلچسپ نيوز) سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پنهنجي خوبصورتي جي زور تي 3 ارب 60 ڪروڙ رپيا ڪمائيندڙ ڪتي جي هر پاسي ساراهه ٿي رهي آهي. پرڏيهي ويب سائيٽ جي ماهرن انٽرنيٽ تي ڪمائيندڙ جانورن جي هڪ لسٽ جاري ڪئي آهي جنهن کي ڏسي اوهان به حيران ٿي ويندا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب انٽرنيٽ تي ڪمائي ڪندڙ جانورن جا پنهنجا انسٽاگرام اڪائونٽس آهن جتي ڪوڙين ماڻهو کين فالو ڪن ٿا. انسٽاگرام تي انهن اڪائونٽس کي فالو ڪندڙن جو انگ وڏو آهي ۽ مختلف ڪمپنيون پنهنجين شين جي مشهوري لاءِ انهن جانورن جي مالڪن سان رابطو ڪن ٿيون ۽ پنهنجين شين جي مشهوري پوسٽس ذريعي ڪرائين ٿيون. هن لسٽ موجب سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ جف پوم آهي جيڪو هڪ ننڍڙو ڪتو آهي. هن جا انسٽاگرام تي 1 ڪروڙ کان وڌيڪ فالوورز آهن. هن جو مالڪ هڪ مشهوري پوسٽ جا 45 هزار ڊالر (تقريبن 74 لک رپيا) وٺي ٿو.