تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اوٻاوڙي تيز رفتار ٽرالر زال مڙس کي چيڀاٽي ڇڏيو

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ چنالي چاچڙ ڀرسان تيزرفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار زال مڙس 36 سالن جو نوجوان سچل چاچڙ ۽ سندس نوجوان گهر واري صدرا چاچڙ موقعي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن معصوم نياڻي ڇهن ورهين جي سونيا چاچڙ معمولي زخمي ٿي پئي. اهڙي حادثي جي اطلاع بعد اوٻاوڙو پوليس موقعي تي پهچي زخمي نينگريءَ کي کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي نينگريءَ کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس به اسپتال پهچي وئي. هوڏانهن فوت ٿي ويلن جا لاش چچريل هئڻ ڪري کين اسپتال بدران گهر منتقل ڪيو ويو. فوت ٿيل جو تعلق ڳوٺ مزار چاچڙ سان ٻڌايو پيو وڃي. هوڏانهن ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت موقعي تان فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين اهڙي حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Bookmark the permalink.