
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي پي ايس ايل دوران مئچ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ مُک جوابدار فيصل چٺه کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو، ڪراچي جي خصوصي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڪيس جو چالان پيش، عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيس کي ڪمزور ڪري جوابدارن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هاڻي اُهي شاهد ۽ ثبوت ڪٿي آهن؟ جِن جي بُنياد تي هڪ مضبوط ڪيس ٺاهيو ويو هو، عدالت ايف آءِ اي کي جاچ آفيسر فريد احمد خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ميچ فڪسنگ اسڪينڊل جي نئين سر جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايف آءِ اي جي چالان موجب پي ايس ايل دوران ميچ فڪسنگ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪالز رڪارڊ ڪيون ويون، ڪيس ۾ هيل تائين 13 جوابدار گرفتار ۽ 5 فرار ٿيل آهن، پئسن جي ڏيتي ليتي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي ٿيندي هئي.