مانچسٽر(اسپورٽس نيوز) مانچسٽر سٽي جي ٽيم نيوڪاسل کي شڪست ڏئي ايف اي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جتي ان جو مقابلو آرسنل سان ٿيندو. ايف اي ڪپ ۾ مانچسٽر ستي جو مقابلو نيو ڪاسل سان ٿيو، ميچ جي 37هين منٽ ۾ مانچسٽر سٽي کي پينالٽي ملي، جنهن تي ڊي بروئن ڪا غلطي نه ڪئي. ميچ جي ٻئي هاف ۾ ٽيزي آئي، نيو ڪاسل گول برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪائونٽر اٽيڪ اسٽرلنگ مانچسٽر سٽي لاءِٻيو گول ڪري ڇڏيو آهي. 18 جولاءِ تي ٿيندڙ سيمي فائنل ۾ مانچسٽر سٽي جو مقابلو آرسنل سان ٿيندو. آرسنل به گذريل ڏينهن شيفلڊ يونائيٽڊ کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي هئي، ٻئي سيمي فائنل ۾ مانچسٽر يونائيٽڊ ۽ چيلسي آمهون سامهون ٿينديون.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…