تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

ايمريٽس ايئر لائن جون پاڪستان مان هوائي اڏامون اڄ کان وري شروع

ڪراچي(ڪامرس نيوز) گڏيل عرب رياستن جي امارات ايئرلائن مسافرن تي ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي شرط لاڳو ڪري پاڪستان لاءِ هوائي آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايمريٽس ايئرلائن 24 جون کان فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو هو، هاڻ 30 جون کان آپريشن شروع ٿيندو پر مسافرن کي سفر لاءِ پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ لازمي طور جمع ڪرائڻي پوندي. انتظاميا ٻڌايو ته مسافرن کي سفر کان اڳ بهترين ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي جنهن بعد ئي سفر ڪري سگهندا.

Bookmark the permalink.