تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ ۾ رد ڪيل ترميمون بل ۾ ٻيهر شامل ڪري پاس ڪرايا ويا: جهڙي ريت ايوان هلي پيو اهڙي ريت ته ايوان جي عزت ٿي رهي آهي:خاقان

ايوان ۾ آواز نٿو اچي، خبر نه ٿي پوي ته هُو ڪهڙي ترميم تي ڳالهائي رهيا آهن:شاهد خاقان

حڪومت کي مشورو ڏنو هو ته نيب کي ڪڍي ڇڏيو، اهڙو ڪارو قانون دنيا ۾ ڪٿي به ناهي:عباسي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ ۾ سندن رد ڪيل ترميمون بل ۾ ٻيهر شامل ڪري پاس ڪرايون ويون، جهڙي ريت ايوان هلايو پيو وڃي اهڙي ريت ته ايوان جي عزت ٿي رهي آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اسپيڪر اسد قيصر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جهڙي ريت اوهان ايوان هلائي رهيا آهيو، ان سان ايوان جي عزت ٿي رهي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ايوان ۾ ڪو آواز نٿو اچي، خبر ئي نه ٿي پوي ته هُو ڪهڙي ترميم تي ڳالهائي رهيا آهن، ترميم کان پهرين بحث ڪرڻ ضروري آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسپيڪر اسد قيصر، شاهد خاقان عباسي کان پڇيو ته اوهان ترميم پيش ڪرڻ چاهيو ٿا يا نه؟ اسپيڪر شاهد خاقان عباسي جي پيش ٿيل ترميم تي ڳڻپ ڪرائي ، پر ترميم رد ٿي وئي ، جنهن بعد اسپيڪر شاهد خاقان عباسي کي ٻي ترميم پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني، پر شاهد خاقان عباسي ترميم پيش نه ڪئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ ۾ سندن رد ڪيل ترميمون بل ۾ ٻيهر شامل ڪري پاس ڪرايون پيون وڃن، هُنن حڪومت کي مشورو ڏنو هو ته نيب کي ڪڍِي ڇڏيو، اهڙو ڪارو قانون دنيا ۾ ڪٿي به ناهي، جيڪو پاڪستان ۾ ٺاهيو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.