بوسٽن (دلچسپ نيوز) آمريڪا جي هڪ نيلام گهر ۾ دنيا جي سڀ کان پهرئين ۽ تاريخي ايپل ون ڪمپيوٽر جي نيلامي جلد ئي شروع ٿيڻ واري آهي جنهن جي ٻولي جي شروعات 50 هزار ڊالر يعنيٰ 80 لک پاڪستاني رپين کان ڪئي ويندي. هي آن لائن نيلامي بوسٽن جي مشهور نيلام گهر آر آر آڪشن جي ويب سائيٽ تي 10 ڊسمبر کان شروع ٿيندي ۽ 17 ڊسمبر تي پڄاڻي تي پهچندي. اميد آهي ته هي تاريخ ساز ڪمپيوٽر مهانگي اگهه تي وڪامجي ويندو.