
لاهور ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اپوزيشن جي جلسن سان سليڪٽرز ۽ سليڪٽيڊ کي خوف وٺي ويو آهي، عوام کي تڪليفن جا ذميوار به اُهي ٻئي آهن، عوام جو ادارن مٿان اعتماد کڄي ويو آهي، ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪندا ۽ ٻين ادارن جي ڪمن ۾ مداخلت بند ٿيندي ته ملڪ ترقي ڪندو.