
ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پي ڊي ايم جي اعلان بعد وزيراعظم عمران خان ملتان جي موجوده صورتحال تي ٽوئيٽ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي، سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري، سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي، ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي، وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ ۾ چيو ته سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي، سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي.