Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_f2ahkqmqores1lhftkjpuc9b2e, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
بدين ضلعي جا روڊ گوبل هر ۽ هيوي گاڏين جي هلڻ سبب اکڙي ويا، ڪروڙين رپيا زيان، مختلف شهرن جا رهواسي سفري سهولت کان وانجھيل - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar بدين ضلعي جا روڊ گوبل هر ۽ هيوي گاڏين جي هلڻ سبب اکڙي ويا، ڪروڙين رپيا زيان، مختلف شهرن جا رهواسي سفري سهولت کان وانجھيل - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

بدين ضلعي جا روڊ گوبل هر ۽ هيوي گاڏين جي هلڻ سبب اکڙي ويا، ڪروڙين رپيا زيان، مختلف شهرن جا رهواسي سفري سهولت کان وانجھيل

بااثر زميندارن جا ٽريڪٽر گوبل سميت روڊن تان گذرن ٿا، تلهار،سيراڻي، نندو، شادي لارج، کوسڪي، ٽنڊوغلام علي جا روڊ اکڙي ويا

ڪڙيو گھنور، ملڪاڻي، پنگريو سميت 30  شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊ ۽ سوين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊن کي گوبل هر تباھ ڪري ڇڏيو

بدين (رپورٽ: حميد سومرو ) بدين ضلعي ۾ اربين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل روڊ زميندارن جي ٽريڪٽر جا بنا ٽائرن وارا گوبل هلڻ ڪري اُکيڙي تباھ ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ بدين  شهر سميت ضلعي جي مختلف شهرن تلهار، ماتلي، گولاڙچي، ٽنڊوباگو، ڪڍڻ، سيراڻي، نندو، شادي لارج، کوسڪي، ٽنڊوغلام علي، ڪڙيو گھنور، ملڪاڻي شريف، پنگريو سميت 30  شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊ ۽ سوين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊن کي گوبل هر تباھ ڪري ڇڏيوآهي. 2 سال پهرين بدين کان حيدرآباد تائين ٺهندڙ روڊ ٻنهي پاسن کان کاڄي تباھ ٿي ويو آهي، انهيءَ کان سواءِ بدين کان گولاڙچي بدين کان سيراڻي بدين کان ڪڍڻ بدين کان نندو کوسڪي شادي لارج بدين کان ٽنڊوباگو روڊن تي گوبل هلڻ ڪري ڪروڙين رپين جا روڊ تباهي ڪناري پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تازوئي ٿروڪول بائي پاس روڊ تي پڻ گوبل هلڻ ڪري روڊ اکڙي تباهي ڪناري پهچي ويو آهي. لاڳاپيل اختيارين جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب ڄاڻايل روڊن تي وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن، روڊن جي اهڙي حالت سبب حادثا پڻ روز جو معمول بڻجي ويا آهن. انهي کان سواءِ روڊن تي غيرقانوني وزن دار گاڏين جي ڪري پڻ سمورن روڊن تي کڏا پئجي ويا آهن. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي بدين جي شهرين ۽ ڳوٺاڻن عبدالرزاق سومرو، محمد حنيف سهڙات، جاويد چانگ، غلام محي الدين سومرو ۽ ٻين چيو ته بدين حيدآباد بدين ڪراچي تلھار کان ٽنڊو باگو سميت ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊن تي اربين رپيا خرچ ٿي چڪو آهي، جن جي مٿان زميندارن ء ٽريڪٽرڊرائيورن طرفان بناٽائرن جي گوبل ھلائي رھيا آھن جنھن ڪري ضلعي جا اڪثر روڊ تباھ ٿي ويا آھن. ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعلى اختيارين کان مطالبو آھي ته روڊن تي گوبل ھلائي روڊن کي تباھ ڪندڙ زميندارن ۽ ڊرائيورن خلاف قانون موجب قدم کڻي اربين روپين جي روڊن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي. روڊن کي گوبل ذريعي تباھ ڪرڻ واري قلم 144 تي عمل نه ٿيڻ بابت ايس ايچ او بدين انور لغاري چيوته بدين پوليس طرفان هڪ مهم هلائي وئي آهي ۽ ڪيترائي ڊرائيور چالان ڪيا ويا آهن. هن چيوته روڊن کي تباھ ڪندڙ ڪيترا به بااثر ڇونه هجن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي انهي لاءِ ماڻهن کي گھرجي ته اهڙن ڊرائيورن خلاف بروقت پوليس کي اطلاع ڪيو وڃي ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگھجي.

Bookmark the permalink.