بدين(رپورٽ: حميد سومرو) بدين ضلعي ۾ 51سيڪڙو جر کارو، 50 کان وڌيڪ فلٽر پلانٽس بند: هزارين ماڻهن جا گڙدا متاثر: صحت جون سهولتون اڻلڀ. ان ڏس ۾ ماتلي، ٽنڊو باگو، تلهار، گولاڙچي، ڪڍڻ، نندو، شادي لارج، کسوڪي سميت ٻين علائقن ۾ رهندڙ 18 لک 25 هزار ماڻهن مان اڪثريت بيمارين جي ور چڙهي وئي آهي.سامونڊي پٽي ۾ جر مڪمل طور کارو ٿي ويو آهي، 3 سيڪڙو ماڻهن جا گڙدا سخت متاثر ٿي ويا آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهو اسپتالن ڏانهن رخ ئي نٿا ڪن. ڊائلاسز سينٽر جي اڳوڻي انچارج ڊاڪٽر عبدالسلام خاصخيلي موجب زهريلو پاڻي واپرائڻ ڪري هزارين ماڻهو گڙدن جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، سينٽر ۾ 60 مريض رجسٽرڊ آهن، اڻ رجسٽر ماڻهن جو انگ اڻ ڳڻيوآهي جيڪي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڊائلاسز ڪرائين ٿا. واهن ۽ شاخن ۾ مئل ڍور لڙهي اچڻ سبب رهواسي مجبورن جر واپرائن ٿا، جڏهن ته تلائن جي صورتحال به خراب آهي. مڪاني ادارن جا نمائندا وري نلڪا ورهائڻ ۾ رڌل آهن. ڪامڻ جي مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي، سامونڊي پٽي جي 70سيڪڙو ماڻهن بيمارين ورتل آهي، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ 51 سيڪڙو پاڻي لائق ناهي. ڊائلاسز مريض علاج بدران درگاهن جو رخ ڪن ٿا. ماتلي، ٽنڊو باگو، تلهار، گولاڙچي، ڪڍڻ، نندو، شادي لارج، کسوڪي ۾ لڳل 87 فلٽر پلانٽس مان اڪثر خراب پيل آهن، بيمارين جي ور چڙهندڙن ۾ معصوم ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي، پر چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن.
- وفاقي سرڪار هلندڙ سال پاڪستان اسٽيل ملز سميت 9 سرڪاري ادارن ۽ زمينن جِي نجڪاري جو فيصلو ڪري ورتو
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار هلندڙ سال پاڪستان اسٽيل ملز سميت 9 سرڪاري ادارن ۽ زمينن جِي نجڪاري جو فيصلو ڪري ورتو، ايس ايم اِي بينڪ، فرسٽ وومين بينڪ،…
- خيرپور ۾ هفتو اڳ پراسرار نموني فوت ڄاڻايل نوجوان جِي قاتل سندس زال نڪتي
خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ هفتو اڳ پراسرار نموني فوت ڄاڻايل نوجوان جِي قاتل سندس زال نڪتي، پوليس موجب نوجوان نديم ٽالپر جِي زال آسيه ٽالپر اعتراف ڪيو آهي ته هُن…
- سنڌ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل 937 هيڊ ماسترن جَي مدي ۾ ٽيون ڀيرو واڌ جو فيصلو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل 937 هيڊ ماسترن جَي مدي ۾ ٽيون ڀيرو واڌ جو فيصلو، تعليم کاتي مدي ۾ واڌ لاءِ سمري وڏي وزير مراد علي…