تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

بلوچستان جي عوام جي عزت لاءِ 70 سالن کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون. بلوچستان سان هميشهه کان ناانصافي ٿي رهي آهي: اختر مينگل

حڪومت ميدان ۾ جلسي جي اجازت نه ڏئي نااهلي جو  مظاهرو ڪيو: بي اين پي سربراهه

اڄ ملتان جي چوڪن ۽ گهٽين ۾ حڪومت جي مذمت ٿي رهي آهي: اختر مينگل

ملتان ( بيورو رپورٽ) بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته  سليڪٽرز کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عوام پنهنجو حق چاهي ٿو ، عوام ووٽ جي عزت چاهي ٿو ، هن ملڪ ۾ حڪمراني هوندي ته ووٽ جي هوندي.  ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته حڪومت ميدان ۾ جلسي جي اجازت نه ڏئي نااهلي جو  مظاهرو ڪيو آهي،  اڄ ملتان جي چوڪن ۽ گهٽين ۾ حڪومت جي مذمت ٿي رهي آهي. اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي عوام جي عزت لاءِ 70 سالن کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون. بلوچستان سان هميشهه کان ناانصافي ٿي رهي آهي.  هن چيو ته سموريون رڪاوٽون ٽوڙي عوام جلسي ۾ پهتو، ووٽ کي عزت ڌيارڻ لاءِ عوام جيل به برداشت ڪري رهيو آهي .  عوام تخت ڪيرايا ۽ تاج اڏائي ڇڏيا.  بي اين پي سربراهه چيو ته سليڪٽرز کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عوام پنهنجو حق چاهي ٿو ، عوام ووٽ جي عزت چاهي ٿو ، هن ملڪ ۾ حڪمراني هوندي ته ووٽ جي هوندي. اختر  مينگل چيو ته هتي مائرن ۽ ڀيرن جو عزتون محفوظ ناهن، جيڪڏهن ڪو ماءُ ۽ ڀيڻ جي عزت نٿو ڪري سگهي ان کي حڪمرا ني جو ڪو حق ناهي.

Bookmark the permalink.