
ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) لبنان جي راڄڌاني بيروت جي بندرگاهه واري علائقي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ٿيل ڌماڪن سوين ماڻهو مارجي ۽ هزارين زخمي ٿي پيا. ڌماڪن تي جتي سڄي دنيا جي سياستدانن ۽ اهم شخصيتن افسوس جو اظهار ڪيو اتي پاڪستاني توڙي پرڏيهي فنڪارن به ڌماڪن تي افسوس جو اظهار ڪندي لبناني عوام لاءِ محبت جو اظهار ڪيو. بيروت ڌماڪن کانپوءِ ٽوئٽر تي لبنان لاءِ دعا ڪريو، ۽ بيروت ڌماڪا جهڙا ٽرينڊز به بڻجي ويا ۽ ماڻهن افسوس جو اظهار ڪيو. اداڪارا عائشه عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بيروت ڌماڪن کي خوفناڪ ۽ اذيت ناڪ قرار ڏيندي لکيو ته اسان جون همدرديون لبناني عوام لاءِ آهن. فيروز خان به بيروت ڌماڪن تي افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته هو ڌماڪن ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهي ۽ سندس همدرديون لبناني عوام سان گڏ آهن. ڳائڻي عاصم اظهر به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لبناني عوام لاءِ دعا ڪئي. حمزا علي عباس واقعي کي هيان ڏاريندڙ قرار ڏنو. اداڪارا مهوش حيات ڌماڪن جون تصويرن کي دهشت ناڪ قرار ڏيندي متاثر ماڻهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وينا ملڪ لبناني عوام سان ايڪي جو اظهار ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته هو اهڙي خيال مان ئي ڊڄي ٿي ته لبناني عوام تي ڌماڪن سبب ڇا گذري رهيو هوندو. اداڪار همايون سعيد تباهي جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لبنان لاءِ دعا ڪئي ۽ مداحن کي به دعا جي اپيل ڪئي. فيصل قريشي ۽ فخر عالم به بيروت ڌماڪن تي افسوس جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي ترڪش اداڪارا ايسرا بلجڪ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هي سڀ دهشتناڪ، خوفناڪ ۽ نقابلِ بيان آهي. هن ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته متاثرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هوڏانهن ارطغرل غازي جي هيرو انجين التان به مداحن کي لبنان لاءِ دعائن جي اپيل ڪئي.